پاسداران انقلاب آبنائي هرمز مان گذرندڙ ٻن جهازن کي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو

تهران:  ايراني پاسداران انقلاب جي بحريه آمريڪي فوج سان تعاون ڪرڻ ۽ بحري حدن جون ڀڃڪڙيون ڪرڻ تي ٻن بحري جهازن کي قبضي ۾ وٺڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

خبرون ڏيندڙ اداري پاسداران انقلاب جي هڪ سرڪاري بيان جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته اهو قبضو بحري فوج طرفان مڪمل جاچ ۽ گهري انٽيلجنس نگراني کان پوءِ ڪيو ويو.

بيان ۾ اهو به اشارو ڪيو ويو آهي ته قبضي ۾ ورتل سامونڊي جهازن گذريل ڇهن مهينن جي دوران آمريڪي بندر گاهن جي لاءِ ڪيترائي سفر ڪيا آهن. جنهن سان انهن جهازن جي مشن جي نوعيت ۽ آمريڪي فوج سان انهي جي تعلق جي باري ۾ شڪ پيدا ٿيا آهن.

پاسداران انقلاب وڌيڪ چيو ته انهن جي طرفان جاري ڪيل وارننگ کي هر ڀيري نظر انداز ڪرڻ کان پوءِ جهازن کي ضبط ڪيو ويو اهي جهاز سامونڊي ڀڃڪڙين ۾  ملوث هئا جيڪي خطي جي سلامتي کي نقصان پهچائين ٿا.

 

تبصرے بند ہیں۔