اسلام آباد: حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ وڏي اضافي کان پوءِ گاسليٽ جي قيمت گهٽ ڪري ڇڏي آهي. اوگرا نئين قيمت جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ 63 روپيه 60 پئسا في ليٽر سستو ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ جي نئين قيمت 365 روپيه 21 پئسا في ليٽر ٿي وئي، گذريل هفتي به گاسليٽ جي قيمت ۾ 21 روپيه 34 پئسا في ليٽر گهٽ ڪئي وئي.
ياد رهي ته گذريل رات حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ دفعو ٻيهر وڏو اضافو ڪري ڇڏيو، پيٽروليم شيون في ليٽر 26 روپيه 77 پئسا مهانگيون ٿي ويون. پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 26 روپيه 77 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 380 روپيه 19 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح پيٽرول به 26 روپيه 77 پئسا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو آهي، پيٽرول جي نئين قيمت في ليٽر 393 روپيه 33 پئسا ٿي وئي آهي.
تبصرے بند ہیں۔