جنگبندي جي ڀڃڪڙي: ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 6 ڄڻا شهيد

تل ابيب:  ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا. لبنان ۾ جنگبندي جي باوجود اسرائيلي حملا جاري آهن جتي گذريل ڏينهن به ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيل حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا شهيد جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا.

صحت جي عالمي اداري موجب جنگين سبب ايران ۽ لبنان ۾ 3 ڪروڙ 20 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن جڏهن ته ڪيترائي صحت مرڪز تباهه يا بند ٿيل آهن.

صحت واري عالمي اداري جو چوڻ آهي ته لبنان ۾ بيماريون وڌي رهيون آهن دوائون گهٽ آهن، بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ  صحت جي عالمي اداري کي  فوري طور تي 3 ڪروڙ 30 لک ڊالرن جي ضرورت آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔