وزيراعظم سان ايراني پرڏيهي وزير جي وفد سميت ملاقات، خطي جي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد: ايران آمريڪا ڳالهين جي ٻئي دور لاءِ مشاوري عمل جاري آهي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ايراني وفد ملاقات ڪئي.

ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان وزيراعظم ملاقات لاءِ وزيراعظم هائوس پهتو وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير به ويراعظم سان گڏ ملاقات ۾ شريڪ هو.

ملاقات ۾ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون، ايراني سفارتخاني موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ايران جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر سيد عباس عراقچي جي اسلام آباد ۾ ٻين آفيشلز سان گڏ ملاقات ڪئي ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ خطي جي گڏيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ علاقائي سيڪيورٽي ۽ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان جو گهرو وزير محسن نقوي ۽ قومي سلامتي جو صلاحڪار جنرل عاصم ملڪ به شريڪ هو.

ايراني وفد ۾ نائب پرڏيهي وزير غريب آبادي، سفير رضا اميري مقدم ۽ پرڏيهي وزارت جو ترجمان بقائي به شامل هو. ايران ۽ پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏنو. پاڪ ايران لاڳاپا ۽ سيڪيورٽي تعاون وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

تبصرے بند ہیں۔