وزيراعظم شهباز شريف پي ايس ايل فائنل ۾ تماشائين کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان سپر ليگ جي يارهين ايڊيشن جي فائنل جي لاءِ تماشائين کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته مون وزيراعظم شهباز شريف کان تماشائين کي اسٽيڊيم ۾ اچڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ درخواست ڪئي هئي.

محسن نقوي چيوته وزيراعظم به چاهيو ٿي ته شوقينن کي اجازت ملڻ گهرجي. فرنچائز آنرز جي درخواست تي وزيراعظم پي ايس ايل فائنل ۾  شوقينن کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

هن وزيراعظم شهباز شريف جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته وزيراعظم ڪفايت شعاري مهم تي به زور ڏنو آهي. ياد رهي ته وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ آمريڪا ايران جنگ سبب پيدا ٿيل تيل جي بحران کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم  شهباز شريف ملڪ ۾ ڪفايت شعاري مهم جو اعلان ڪري رکيو آهي. واضح رهي ته پي ايس ايل جي يارهين ايڊيشن جو فائنل 3 مئي تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو.

تبصرے بند ہیں۔