هرموز تان ايراني ڪنٽرول ختم ڪرڻ جون آمريڪي تياريون، ڊيل جي تڪڙ ناهي، ٽرمپ

تهران/ اسلام آباد/ واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان ڊيل جي تڪڙ ناهي، اسان پنهنجي ضرورت مطابق ڊيل چاهيون ٿا. هرموز ۾ ننڍيون ۽ تيز ٻيڙيون مسئلا پيد ڪن ٿيون انهن جو ٽوڙ ڪڍي رهيا آهيون. ايران دنيا کي ڏيکاري چڪو آهي ته هرموز تي سندس ڪنٽرول مضبوط آهي ڪالهه به هڪ ڪارگو شپ تي پاسدارن انقلاب قبضو ڪيو ۽ آمريڪا جي ناڪابندي هوندي ايئن ٿيڻ آمريڪا لاءِ وڏو چيلينج آهي. پاڪستان ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ سفارتي فرنٽ تي سرگرم آهي. سي اين اين رپورٽ ڪيو آهي ته آمريڪا هرموز ۾ ايران جو ڪنٽرول خت ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.
تهران ۾ 83 تاريخي ماڳن کي سخت نقصان پهتو آهي، علوي
تهران سٽي ڪائونسل جي ثقافتي ورثي واري ڪميٽي جي سربراهه احمد علوي چيو آهي ته آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ جنگ دوران صوبي تهران ۾ 83 تاريخي ماڳن ۽ عمارتن کي نقصان پهتو آهي، جن مان 36 ماڳ قومي ورثي جي فهرست ۾ شامل آهن۔ سرڪاري خبر رساں ايجنسي ارنا، تهران سٽي ڪائونسل جي ثقافتي ورثي ڪميٽي جو حوالو ڏيندي رپورٽ ڪيو آهي ته انهن مان اهي عمارتون، جن جي بحالي ٿي سگهي ٿي، اتي ڪم شروع ڪيو ويو آهي۔ احمد علوي واضح ڪيو ته متاثر ٿيل ماڳن مان 36 عمارتون قومي نوادرات جي فهرست ۾ درج آهن ۽ 45 تاريخي عمارتون آهن، جڏهن ته ڇهه ماڳ مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته انهن مان گهڻيون عمارتون فوجي، سيڪيورٽي ۽ انتظامي تنصيبات جي ويجهو واقع آهن۔ ياد رهي ته ايراني وزارت ثقافتي ورثي موجب لڳ ڀڳ 39,000 آثارِ قديمه ملڪ جي قومي ورثي جي فهرست ۾ شامل آهن۔
آمريڪا، اسرائيل جي ايران سان جنگ، امن ڳالهيون جاري رکو، پوپ
پوپ ليو چيو آهي ته هو آمريڪا ۽ ايران تي زور ڏين ٿا ته جنگ جي خاتمي لاءِ امن واري ڳالهين کي جاري رکن، ۽ هن چيو ته هن تڪرار “ايران ۾ بيگناهه ماڻهن جي پوري آبادي کي متاثر ڪيو آهي.” هن جو اهو بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پوپ تي هڪ ڊگهو تنقيدي پيغام جاري ٿيڻ کان پوءِ سامهون آيو آهي. ياد رهي ته پوپ ايران ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي فوجي ڪارروائين تي کلي طرح تنقيد ڪندا رهيا آهن. چار آفريقي ملڪن جي دوري کان پوءِ روم واپس ايندي جهاز ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته “مان امن لاءِ ڳالهين جي تسلسل جي همت افزائي ڪندس، جيئن سڀئي ڌريون امن جي واڌاري، جنگ جي خطري جي خاتمي ۽ بين الاقوامي قانون جي احترام لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪن.” هن وڌيڪ چيو ته “مان سڀني کي هن ڳالهه جي ترغيب ڏيڻ چاهيان ٿو ته هو نفرت ۽ ورهاست بدران امن جي ثقافت مان جنم وٺندڙ حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪن.” هن اهو به ٻڌايو ته هو پنهنجي سان لبنان جي هڪ مسلمان ٻار جي تصوير رکندا آهن، جنهن کي گذريل سال اتي جي دوري دوران “ويلڪم پوپ ليو” جو پلي ڪارڊ کڻي بيٺل ڏيکاريو ويو هو. پوپ چيو ته “جنگ جي هن تازو مرحلي ۾ اهو ٻار مارجي ويو.”

تبصرے بند ہیں۔