ڪراچي: اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) 7 مختلف ڪاررواين دوران 175.95 ڪلوگرام منشيات ضبط ڪئي ۽ هڪ افغاني شهري سميت 8 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو.اي اين ايف ترجمان موجب، ڪارروايون لاهور، راولپنڊي، پشاور، اسلام آباد، پشين ۽ مانسهره ۾ ڪيون ويون.آفيسرن چيو ته ڪارروائي ۾ 166 ڪلوگرام 800 گرام چرس، 8 ڪلوگرام 400 گرام آفيم، 500 گرام آفيم، 250 گرام حشيش جي تيل سان ڀريل ويپ، ۽ 5 گرام وزن جون 7 ايڪسٽيسي ٽيبليٽ هٿ ڪيون ويون.ترجمان چيو ته جوابدارن خلاف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ 1997 تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
تبصرے بند ہیں۔