ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اڄ به برسات جو امڪان

ڪراچي : سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، موسميات کاتي موجب اڄ ڪراچي، ميرپورخاص، بدين ، ٺٽو ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو امڪان آهي، ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن برسات کانپوءِ ڪجهه علائقن ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ وارو ڪم جاري آهي. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اڄ به برسات جو امڪان آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي، ميرپور خاص، بدين ، ٺٽو ۽ هيدرآباد ڊويزن جي ڪجهه علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز ٻچايو ته ڪراچي ۾ اڄ منجهند ڌاري ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو امڪان آهي. هوڏانهن ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن پيل برسات کانپوءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. برسار کانپوءِ شهر جي ڪيترن ئي علائقن مان غائب ٿيل بجلي به اڃا بحال نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب شهرين گذريل رات به جاڳي گذاري..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔