پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل مريضن جو انگ 2 لک 61 هزار917 ٿي وئي

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 2 لک 61 هزار 917 ٿي ويو آهي. موذي وائرس وڌيڪ 49 حياتيون ڳڙڪائي ويو جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 5 هزار 522 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ  آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 918 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 89 هزار 465،. سنڌ ۾ هڪ لک 11 هزار 238، خيبرپختونخواهه ۾ 31 هزار 669، بلوچستان ۾ 11 هزار 405، گلگت بلتستان ۾ هڪ هزار 796، اسلام آباد ۾ 14 هزار 504 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 840 ڪيس رپورٽ ٿيا.

سڄي ملڪ ۾ هنيئر تائين 16 لک 99 هزار 101 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 11 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين هڪ لک 98 هزار 509 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 604 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ئي ڏينهن ۾ 47 ڄڻا فوت ٿي ويا.

جنهن کان پوءِ موذي وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 5 هزار 522 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 2 هزار 67. سنڌ ۾ هڪ هزار 952، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 130، اسلام آباد ۾ 157، بلوچستان ۾ 131، گلگت بلتستان ۾ 39 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 46 مريض حياتيون وڃائي ويٺا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔