وزيراعظم عمران خان پاران عوام جي ڀلائي لاءِ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار پاران کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار

لاهور: :وزيراعظم عمران خان عوام جي ڀلائي لاءِ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار پاران کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پنجاب حڪومت ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ بهترين قدم کنيا.

رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان   هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچي ويو. وزيراعليٰ هائوس ۾ وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار ملاقات ڪئي جنهن ۾ پنجاب جي معاملن تي ڳالهيون ٿيون. پنجاب جي وڏي وزير صوبي ۾ اٽي، ڪڻڪ جي صورتحال ۽ ڪورونا کان بچاءُ جي  کنيل قدمن تي وزيراعظم کي آگاهي ڏني. جڏهن ته بلوچستان ۾ پنجاب حڪومت جي تعاون سان منصوبن تي به اعتماد ۾ ورتو.

وزيراعظم عمران خان عوامي ريليف جي لاءِ پنجاب  حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پنجاب حڪومت ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ بهترين قدم کنيا آهن. حڪومتي قدمن سبب ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي. هاڻ حالتون بهتر ٿي رهيون آهن. اسمارٽ لاڪ ڊائون تي حڪومت طرفان ايس او پيز تي به بهتر طريقي سان عمل ڪرايو ويو.

صوبي جي دوري دوران وزيراعظم کي راوي روڊ اٿارٽي تحت لاهور ۾ نئين شهر بابت بريف ڪيو ويندو. هو مون سون، وڻڪاري مهم جي به شروعات ڪندو. جنهن ۾ ٻوٽا لڳائڻ جي لاءِ جاپاني ٽيڪنالاجي جو استعمال به متعارف ڪرايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔