عمر ايوب 12ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ نقصان گهٽ ڪم ڪرڻ ۾  مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي.

توانائي واري وزير عمر ايوب 12 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ جو اعتراف ڪري ورتو. سرڪاري انگن اکرن ۾ چيو ويو آهي ته مختلف شهرن ۾ 12 ڪلاڪن تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. پاور ڊويزن بجلي جي لوڊشيڊنگ جي نئين اصطلاح پاور مينجمينٽ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ناهي پر لوڊمينجمينٽ ڪئي پئي وڃي. 474 فيڊرز تي  8 کان 12 ڪلاڪ جي لوڊمينجيمنٽ ڪئي پئي وڃي. 623 فيڊرن تي 6 ڪلاڪ، 390 فيڊرن تي 4 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

نظام جي خرابي ۽ چوري سبب گذريل سال 16 ارب يونٽ کان وڌيڪ بجلي ضايع ٿي. دستاويزن  موجب 16 ارب يونٽ بجلي سياري جي موسمن ۾ 2 مهينن لاءِ ملڪ جي ضرورت پوري ڪندي رهي. سال 2018-19 ۾ پيدا ٿيل بجلي ۾ 14.72 سيڪڙو ضايع ٿي.

پيسڪو 5 ارب يونٽ ضايع ڪرڻ سان گڏ پهرين نمبر تي رهي. ميپڪو به 2 ارب 70 ڪروڙ، ليسڪو ۾ 1 ارب 60 ڪروڙ يونٽن جي بجلي چوري ٿي. اهڙي طرح دستاويزن موجب حيسڪو ۾ هڪ ارب 42 ڪروڙ يونٽ بجلي ضايع ٿي جڏهن فيسڪو ۾ هڪ ارب 21 ڪروڙ يونٽ چوري جي نظر ٿي ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔