آمريڪا چين سان لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ باوجود 100 کان وڌيڪ سفارتي عملي کي ٻيهر چين موڪلي ڇڏيو

بيجنگ: آمريڪا چين سان لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ باوجود 100 کان وڌيڪ سفارتي عملي ۽ انهن جي گهر وارن کي هڪ ڀيرو ٻيهر چين موڪلي ڇڏيو آهي. برطانوي خبرن جي ايجنسي مطابق ، هڪ خاص چارٽر جهاز جنهن ۾ سفارتي عملو ۽ انهن جو ڪٽنب سوار هو ، واشنگٽن ڊي سي جي ويجهو ڊيلاس ايئرپورٽ تان ڏکڻ ڪوريا جي گادي واري شهر سيئول لاءِ روانو ٿيو ، جتان اهي طبي سهولتن سان ليس جهاز ذريعي چين ڏانهن روانو ٿيو. آمريڪا ڪورونا جي وبا جي ڪري فيبروري ۾ مختلف چيني شهرن مان 1200 جي لڳ ڀڳ سفارتي عملي کي واپس گهرايو هو. رپورٽن مطابق آمريڪا چين ۾ پنهنجو واپاري ۽ سفارتي عملو هانگ ڪانگ بابت تڪراري قانون سازي جي باوجود چين ۾ آڻڻ چاهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔