سپريم ڪورٽ حڪومت کي شوگر ملز جي خلاف ڪارروائي جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ حڪومت کي شوگر ملز جي خلاف ڪارروائي جي اجازت ڏئي ڇڏي، سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪور جي حڪم تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اسٽي آرڊر تي عمل روڪڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، سُپريم ڪورٽ کنڊ اسڪينڊل جي رپورٽ تحت شگر ملز مالڪن خلاف ڪارروائي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، اسلام آباد ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي شگر ملز مالڪن جي درخواستن تي ٽن هفتن اندر فيصلا ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، عدالت حڪومتي عهديدارن کي به کنڊ رپورٽ تي بيان بازي کان روڪي ڇڏيو، سُپريم ڪورٽ شگر ملز مالڪن خلاف غير ضروري طور قدم نه کڻن جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت ۽ ادارا قانون پٽاندڙ ڪارروائي ڪن، ٻڌڻيءَ دوران شگر ملز جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته حڪومتي وزير بيانبازي ڪري ميڊيا ٽرائل ڪندا آهن، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته بيانبازي سياسي مامرو آهي، اِن ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔