سنڌ پوليس ۾ وڌيڪ 114 ڪورونا جا ڪيس سامهون اچي ويا

ڪراچي :سنڌ پوليس ۾ وڌيڪ 114 ڪورونا جا ڪيس سامهون اچي ويا آهن، متاثر آفيسرن ۽ اهلڪارن جو انگ 2 هزار 210 ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هن وقت پوليس جا 1608 آفيسر ۽ اهلڪار علاج هيٺ آهن، 586 صحتياب ٿي ويا، 114 ڪورونا وائرس جا نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جن پوليس اهلڪارن ۾ شڪ ٿئي ٿو ته انهن جون ٽيسٽون ڪيون وڃن ٿيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔