سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 31 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 31 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿيلن جو انگ 1826 ٿي ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 31 ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي ويا آهن، سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 1089 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، هن جو چوڻ آهي ته سنڌ صوبي ۾ ڪورون جا هڪ لک 6هزار 622 مجموعي ڪيس ظاهر ٿيا آهن، هن چيو ته هن وقت تائين 584596 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا، صوبي ۾ هن وقت تائين 106622 مريض سامهون آيا آهن، هن وقت 40967 مريض علاج هيٺ آهن، هن وقت 121 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن، اڄ ڪورونا جا 1871 مريض صحتياب ٿي ويا آهن، ڪراچي ۾ 312 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، گهوٽڪي ۾ 127، بينظيرآباد ۾ 106، سکر ۾ 73 نوان ڪيس سامهون آيا، دادو ۾ 58، شڪارپور ۾ 44، حيدرآباد ۾ 37 ۽ نوشهروفيروز ۾ 33 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، سانگهڙ ۾ 30، ڪشمور ۾ 28، ٽنڊو الهيار ۾ 25 ۽ ميرپورخاص ۾ 23 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.لاڙڪاڻي ۾ 6م خيرپور، جيڪب آباد ۽ ٺٽي ۾ 5، 5 وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔