عمران خان پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ ترين سياستدان آهي،بلاول

ڪراچي : پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ ترين سياستدان آهي، نيب سوڌو سمورا ادارا وفاقي حڪومت جي ڪرپشن لاءِ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سليڪٽرز کي جواب ڏيڻو پوندو ته جنهن کي ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ سليڪٽ ڪيو، اُن ئي ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، پنجاب جي هيڏي وڏي ڪرپشن تي ڪو به سوال نه پيو ڪري، بي آر ٽي جي خرچي مان پي ٽي آءِ جو ڪچن هلي ٿو، بي آر ٽي تي اسٽي ختم ڪري نيب ۽ عدالت ڪم ڪري، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بي آر ٽي جو ڪانٽريڪٽر علي زيدي جو فرنٽ مين آهي، عمران خان مشرف جي ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو ورتو، عالمي توڙي ملڪي رپورٽس موجب هي حڪومت ڪرپٽ آهي، ميڊيا پي ٽي آءِ جي ڪرپشن جي ڊرامي کي وائکو ڪري، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته صوبن جو حصو ڪٽي اسلام آباد کي کارايو پيو وڃي، هن حڪومت جي هر سياسي انجنيئرنگ خلاف وڙهنداسين، سنڌ ۾ ڪورونا ٽيسٽنگ سهولتون ٻين صوبن کان وڌيڪ آهي، سڄي دنيا ٽيسٽنگ وڌائي پئي هي حڪومت گهٽائي پئي، پي ٽي آءِ جي حڪومت ڄاڻي واڻي ٽيسٽ گهٽ ڪرائي پئي، عمران خان ڪشمرين کي لاوارث ڇڏي ڏنو آهي، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي مودي جي شروع کان مخالفت ڪئي آهي، عمران خان جي موجودگي مان پاڪستانين کي خطرو آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪشمير ڪاز کي نقصان رسايو آهي، صوبن کي وڌيڪ فنڊز جي ضرورت وقت گهٽ ڏنو ويو، سنڌ حڪومت گهٽ وسيلن باوجود بهتر بجيٽ پيش ڪئي، سنڌ پهريون ڀيرو بجيٽ ۾ ڪا نئين اسڪيم ناهي رکي، هن چيو ته آبادگارن جون زمينون ماڪڙ سبب خطري ۾ آهن، اسان ڪيس تائين هن نالائق حڪومت کي ڀوڳيندا رهنداسين، نيب ۾ ٻٽو معيار نه آهي ته بي آر ٽي تي اسٽي آرڊر ختم ڪرائي ڪيس کي انجام تائين ڇو نٿو پهچايو وڃي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران بلاول ڀٽو چيو ته ايف آءِ اي جي رپورٽ ۾ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ هلائيندڙ ابراج گروپ جي عمران خان سهولتڪاري ڪري رهيو آهي، اُن لاءِ بل گيٽس جي پروگرام کي به لُٽيو ويو، ايف آءِ جي اها رپورٽ لڪائي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔