وفاقي وزير مراد سعيد جو بلاول ڀٽو زرداري کي مناظري جو چئلينج

اسلام آباد : وفاقي وزير مراد سعيد به بلاول ڀٽو کي مناظري جو چئلينج ڏيندي چيو آهي ته، بلاول کي جَي آءِ ٽي تي جواب ڏيڻو پوندو، بلاول ڀٽو ۽ آيان علي جِي ٽڪيٽ به هڪ ئي اڪائونٽ مان خريد ڪيا ويندا هئا. مراد سعيد چيو ته جي آءِ ٽي ۾ سامهون آيو آهي ته بلاول ڀٽو جِي پارٽي سندس پيءُ جِي سرپرستي ۾ دهشتگردن جِي سرپرستي ڪئي. آصف زرداري عذير بلوچ ذريعي شگر ملز تي قبضو ڪيو. وفاقي وزير چيو ته جڏهن هو اسيمبلي ۾ ڳالهائيندو آهيان ته بلاول ڀڄي ويندو آهي. اسيمبلي کي گذارش آهي ته جڏهن هو تقرير ڪري ته دروازا بند ڪيا وڃن. مراد سعيد چيو ته هو بلاول جا سمورا چئلينج قبول ڪيون ٿا. مراد سعيد بلاول کي دعوت ڏيندي چيو ته هو ڪي پي اَچي ۽ اسان سنڌ جو دورو ڪيون ٻنهي جِي ڪارڪردگي سامهون اچي ويندي، ڪورونا وبا دوران ٻيون حڪومتون عوام جِي حفاظت ۽ سنڌ سرڪار بلاول جَي والد جِي ڪرپشن بچائڻ ۾ لڳي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔