”جيڪڏهن 18هين ترميم کي ڇيڙيو ويو ته هي ملڪ ئي نه رهندو“ مولانا عطاءُ الرحمان

اسلام آباد: جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سينيٽ  مولانا عطا الرحمان چيو آهي ته 18هين ترميم کي جيڪڏهن ڇيڙويو ويو ته ملڪ ئي نه رهندو، ان بل تي بحث ملڪ ٽوڙڻ جي برابر آهي ۽ اسان هن ملڪ کي ٽٽڻ نه ڏينداسين.

اڄ سينيٽ جي اجلاس ۾ جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سينيٽر مولانا عطا الرحمان پنهنجي خيالن جو اظهارڪندي چيو ته چڱي وقت کان پوءِ اڄ هتي ايوان ۾ ڳالهه ڪرڻ جو موقعو مليو آهي ۽ هن وقت جيڪو موضوع بحث هيٺ آهي آئون ان تي ڳالهائيندس.

سندس  چوڻ هو ته اين ايف سي ايوارڊ کي سوچيل سمجهيل منصوبي جي تحت بحث هيٺ آندو پيو وڃي ۽ هن وقت 18هين ترميم کي بحث هيٺ آڻڻ يا اين ايف سي ايوارڊ کي بحث هيٺ آڻڻ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ واري ڳالهه آهي.

مولانا عطا الرحمان چيو ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) جڏهن اِها ڳالهه ٻڌي، پهرين ته اسان سمورين مخالف ڌر پارٽين جي سربراهن سان رابطا ڪيا ۽ چئني صوبن ۾ اسان آل پارٽيز ڪانفرنسون ڪيون.

هن چيو ته ان معاملي تي جلد ئي قومي سطح تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائينداسين، اي پي سي جو موضوع به اين ايف سي ايوارڊ ۽ 18هين ترميم آهي.

ان موقعي تي هن حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هي سمورا ماڻهو رڳو مهرا آهن، اصل ماڻهو سامهون نه پيا اچن، 18هين ترميم ۾ به انهن کي جيڪو سور آهي اُحو اين ايف سي ايوارڊ نه پر انهن جو اصل سور هنن جي پنهنجي اختيارن جي گهٽتائي آهي ۽ هي ماڻهو معزز ماڻهن انهن جا مهرا آهن ۽ انهن جي چوڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن.

جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اڄ به جيڪو ماڻهو پردي پٺيان حڪومت ڪري رهيا آهن، انهن جو هن قوم سان ڪجهه نه وڃي، هو رڳو ٻاهرين ملڪن کي خوش ڪري رهيا آهن ۽ اُهي ملڪ کي کائي رهيا آهن.

هن خبردار ڪندي چيو ته آئون انهن ٻڌائي ڇڏيان ٿو ته 18هين ترميم کي جيڪڏهن چيڙيو ويو ته هي ملڪ ئي نه رهندو ۽ جڏهن هي ملڪ نه رهندو ته توهان ماڻهو کائيندا ڇا؟

ڪنهن نالي کان سواءِ سندس چوڻ هو ته اڄ تائين انهن ماڻهن جي بجيٽ جو ڪو به حساب ناهي، توهان اڄ تائين ڪهڙي جنگ وڙهي آهي، پنهنجو توهان کان ٿئي نٿو ۽ ملڪ جي اندر ان قسم جو بحث چيڙي توهان ڇا ٿا حاصل ڪرڻ چاهيو.؟

سينيٽر عطاالرحمان چيو ته آئون اڄ هن ايوان ۽ هن کي به وارننگ ڏيندو هجي، جيڪڏهن هن بل تي اهڙي قسم جو بحث ڪيو ويو ته ملڪ ٽوڙن جي برابر هوندو، اسان هن ملڪ کي ٽوڙڻ نه ڏينداسين.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن مخالف ڌر مخالفت نه ڪئي ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) ان جي ڀرپور مخالفت ڪندي، اسان گهٽين ۽ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ان جي مخالفت ڪنداسين .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔