قومي اسيمبلي ۾ قرآن پاڪ ترجمي سان گڏ پڙهائڻ وارو ٺهراءُ منظور

اسلام آباد: سمورين سرڪاري يونيورسٽين ۾ قرآن پاڪ ترجمي سان گڏ پڙهائڻ وارو ٺهراءُ گڏيل طور منظور ڪيو ويو.

تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سمورين سرڪاري يونيورسٽين ۾ قرآن پاڪ ترجمي سان گڏ پڙهائڻ وارو ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، ٺهراءُ پارلياماني معاملن بابت مملڪتي وزير علي محمد خان پيش ڪيو جنهن کي گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو.

ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته دستور پاڪستان ۾ اسلامي جمهوريه پاڪستان واضح طور تي داخل آهي، جن يونيورسٽين ۾ قرآن ترجمي سان نه پيو پڙهايو وڃي اُتي قرآن ترجمي سان گڏ پڙهايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔