چين آمريڪي ري پبلڪن جماعت جي ٽن سينيئر قانون سازن تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون

بيجنگ: چين آمريڪي ري پبلڪن جماعت جي ٽن سينيئر قانون سازن ۽ هڪ نمائندي تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون.
سينيٽر مارڪو روبيو، ٽيڊ ڪروز ۽ ڪرس سمٿ کي چيني پاليسين تي وڏو ناقد سمجهيو ويندو آهي، ان سان گڏوگڏ آمريڪا جي مذهبي آزادي بابت سفير سيم برائون بيڪ تي به پابندي لڳائي وئي آهي.
في الحال چين ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل ناهن ٻڌايا ته اهڙيون پابنديون ڇو هنيون ويون آهن پر بيجنگ حڪومت اهو قدم آمريڪا طرفان چيني اهلڪارن تي پابندين جي جواب ۾ کنيو آهي.
واضح رهي ته سنڪيانگ ۾ ايغور مسلم اقليت سان مبينا ناانصافين جي معاملي تي واشنگٽن گذريل ويڪ اينڊ تي ڪيترن ئي چيني اهلڪارن جا اثاثا منجمد ڪري ڇڏيا هئا ۽ کين ويزا ڏيڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔