افغانستان جي صوبي غزني ۾ بم ڦاٽڻ سبب 6 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل:افغانستان جي اوڀرين صوبي غزني ۾ روڊ ڪناري تي لڳل بم ڦاٽڻ سبب گاڏي ۾ سوار عورتن ۽ ٻارن سميت 6 شهري مارجي ويا.ميڊيا رپورٽ موجب غزني صوبي جي ترجمان وحيدالله ٻڌايو آهي ته ضلعي جاگاتو ۾ گاڏي مسافرن کي کڻي پنهنجي منزل طرف وڃي رهي هئي ته روڊ تي لڳل بارودي مواد سان ٽڪرائجي وئي جنهن کان پوءِ ٿيندڙ ڌماڪي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 8 زخمي ٿي پيا. جڏهن ته اڃان تائين ڪنهن به تنظيم يا گروپ فوري طور تي حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.ان کان علاوه بچاءُ واري وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته افغان فوجين اوڀرين صوبي لوگر جي ضلعي عذرا ۾ فوجي چوڪيون تي طالبان جي حملن کي دٻايو ويو آهي. حملي ۾ 8 طالبان مارجي ويا جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا.ٻئي طرف طالبان افغان فوجين مٿان الزام هنيو آهي ته هو ان جي گهرن ۽ مائٽن کي پنهنجي ڪاررواين جو نشانو بنائي رهيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔