هانگ ڪانگ: ڪورونا وائرس جي نئين لهر جي نتيجي ۾ سمورن تعليمي ادارن کي ٻيهر بند ڪرڻ جو فيصلو

هانگ ڪانگ: اختيارين ڪورونا وائرس جي نئين لهر جي نتيجي ۾ سمورن تعليمي ادارن کي ٻيهر بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
تفصيل مطابق هڪ ڏينهن ۾ 32 مقامي ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد ، هانگ ڪانگ انتظاميا اعلان ڪيو ته سمورا تعليمي ادارا سومر کان بند ڪيا ويندا.
آفيسرن جو چوڻ آهي ته صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ نئين سال جو آغاز آگسٽ يا سيپٽمبر ۾ پڻ ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔