صدر سميت ڪنهن کي به فوجداري ڪيس ۾ ڇوٽ حاصل ناهي: آمريڪي سپريم ڪورٽ

نيو يارڪ: آمريڪي سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلو ڏيندي چيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽيڪس رڪارڊ تائين رسائي ڏيڻ جو پابند آهي. 9 رڪني بينچ هڪ ست جي اڪثريت سان فيصلو ڏنو.
تفصيل موجب صدر سميت ڪنهن کي به فوجداري ڪيس ۾ ڇوٽ حاصل ناهي صدر ٽرمپ پنهنجو ڪاروبار رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪري.
سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب صدر ٽرمپ اهو رڪارڊ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو پابند آهي ، پر ڪانگريس جي ميمبرن کي ان رڪارڊ تائين رسائي نه هوندي.
عدالت جي فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ ٽوئيٽ ڪيو ته اهو هن جي سياسي ڪردارڪشي جو هڪ ٻيو موقعو فراهم ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔