ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات کان پوءِ موسم خوشگوار

اسلام آباد:وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي ويو.

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ برسات کان پوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو جنهن کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي ويو. نوشهره ۾ به هلڪي برسات پئي. ميانوالي، ڪمره مشائي، دائود خيل سميت ڀرپاسي ۾ صبح ٿيندي ئي کنوڻ سان گڏ برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو جنهن کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي ويو. شڪر ڳڙهه ۽ ڀرپاسي ۾ به کنوڻ سان گڏ برسات پئي.

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات کان پوءِ بجلي جي فراهمي به معطل ٿي وئي. جنهن سبب شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو. ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ موسم گرم ۽ وچولو رهندو. جڏهن ته هيٺاهين سنڌ، اتر، اوڀر پنجاب، مٿانهين خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ طوفان ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀني کان وڌيڪ برسات اسلام آباد ۾ 12 ملي ميٽر، راولپنڊي ۾ 10 ملي ميٽر، ڪشمير جي ضلعي راولاڪوٽ ۾ 8 ملي ميٽر، ڪوٽلي ۾ 5 ملي ميٽر، خيبرپختونخواهه جي علائقي دروش ۾ 8 ملي ميٽر، دير ۾ 4 ملي ميٽر، ڪالام ۾ 2 ملي ميٽر ۽ ڪراچي ۾ 2 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.

گذريل ڏينهن سڀني کان وڌيڪ گرمي موهن جو دڙو ۾ 46 ڊگري سينٽي گريڊ، تربت ۽ جيڪب آباد ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔