پاڪستان ۾ تعليمي ادارا ڪڏهن کوليا وڃن؟ فيصلو اڄ ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: پاڪستان ۾ تعليمي ادارا ٻيهر کولڻ بابت تعليم کاتي جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ ايس او پيز ۽ تعليمي ادارن ۽ مدرسن کي کولڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون وينديون. بين الصوبائي ڪميٽي جي سفارشن تي ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال موجب تعليمي ادارا کولڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

ڪورونا وائرس سبب سڄي ملڪ جا تعليمي ادارا مارچ کان اڃان تائين بند آهن. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته 15 جولاءِ تائين تعليمي ادارا کولڻ جو امڪان آهي. پنجاب جي تعليم واري وزي  مراد راس چيو آهي ته جيڪڏهن حالتون بهتر ٿون ته 15 آگسٽ کان اسڪول کولي ڇڏينداسين ۽ پهرين مرحلي ۾ ضروري ڪلاس لڳائڻ جي اجازت ڏينداسين. تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ آهي ته خانگي اسڪولن جي طرفان تعليمي ادارا کولڻ جو تمام گهڻو دٻاءُ آهي پر اسان جي لاءِ ٻارن جي صحت سڀني کان پهرين ترجيح آهي. جيڪو به فيصلو ڪنداسين احتياط سان ڪيو ويندو.

حڪومت ايس او پيز تحت اسڪولن کي کولڻ تي غور ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان سمورن صوبن جي مدرسن ۽ خانگي تعليمي ادارن کان تجويزون به طلب ڪيون ويون آهن. اسڪولن کي کولڻ جو جائزو وٺڻ جي دوران نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان فراهم ڪيل انگن اکرن کي به سامهون رکيو ويندو. وفاقي حڪومت تعليمي ادارا کولڻ جي حڪمت عملي تي يونيسيف سان به صلاح مشورا ڪري رهي آهي. تعليم جي وفاقي وزير موجب تعليمي ادارا کولڻ جو روڊ مپ تيار ٿيڻ کان پوءِ والدين کي اعتماد ۾ وٺي ڪو فيصلو ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔