حليمه سلطان پاران پشاور زلمي جي مداحن لاءِ خوشخبري جو اشارو

لاهور: ترڪ ڊرامه سيريز(ارطغرل غازي) جي حليمه سلطان پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) جي فرنچائز پشاور زلمي جي لاءِ جلد خوشخبري ٻڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ ٽوئٽر تي پشاور زلمي جي چيئرمين جاويد آفريدي پنهنجا ٽوئٽس شيئر ڪندي خيالن جو اظهار ڪيو هو ته جيڪڏهن ارطغرل غازي ۽ حليمه سلطان پشاور زلمي جي ٽيم ۾ برانڊ ايمبيسيڊر جي طور تي شامل ٿي وڃي ته.؟ جنهن تي پاڪستاني مداحن تمام گهڻي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ سڀني اهوئي چيو هو ته ائين ٿي وڃي ته ٻيو ڇا کپي.جنهن کان پوءِ هاڻ ارطغرل غازي ۾ حليمه سلطان جو مُک ڪردار نڀائيندڙ ترڪ اداڪاره اسراءَ بلجيڪ به پشاور زلمي ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. اسراءَ بلجيڪ هڪ ٽوئٽ شيئر ڪيو جنهن ۾ پشاور زلمي ۽ جاويد آفريدي کي ٽيگ ڪيو ۽ لکيو ته مان تمام جلد اوهان کي هڪ سٺي خبر ٻڌائيندس. جنهن کان پوءِ جاويد آفريدي اداڪاره جي ٽوئٽ تي ٿورو به ادا ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔