راولپنڊي: خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز پنهنجي قافلي تي حملي کي ناڪام بنائيندي 5 دهشتگرد مارجي ويا. جڏهن ته انهي دوران ليفٽيننٽ ڪرنل سميت 2 جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب 21 فيبروري تي ضلعي بنون ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جي دوران سيڪيورٽي فورسز جي قافلي کي ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج طرفان بزدلانه حملي جو نشانو ويو. ڪارروائي علائقي ۾ آپگهاتي بمبار سميت خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب هڪ بارود سان ڀريل گاڏي تي سوار آپگهاتي بمبار کي سيڪيورٽي فورسز جي ٻئي دستي وقت تي روڪي سندس ناپاڪ ارادي کي ناڪام بنائي ڇڏيو. خوارج طرفان حملي جو مقصد بنون شهر ۾ معصوم شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن کي نشانو بنائڻ هو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته آپريشن جي دوران خوارج جي ٺڪاڻن جو پتو لڳائي سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا. جڏهن ته دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي ٻئي گروپ جي هڪ گاڏي سان ٽڪرائي ڇڏي، حملي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل شهزاده گل فراز، سپاهي ڪرامت شاهه شهادت ماڻي.
آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ ڪرنل شهزاده گل فراز پنهنجي جرئتمندانه قيادت سبب مشهور هو هو اڳين مورچن تان دستن جي قيادت ڪري رهيو هو.
آصف علي زرداري ليفٽيننٽ ڪرنل شهزاده گل فراز ۽ سپاهي ڪرامت شاهه جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته شهيدن جون عظيم قربانيون قوم جو سرمايو آهن. هن شهيدن جي گهر ڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ کين صبر جميل جي لاءِ دعا ڪئي صدر چيو ته فتنته الخوارج جي خلاف آپريشن بنا ڪنهن فرق جي جاري رهندو. قوم جي تحفظ تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو. رمضان جي مهيني جي تقدس کي پامال ڪندڙ دهشتگردن جو اسلام سان ڪوبه تعلق نه آهي.
وزيراعظم سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ پاڪ فوج جي ليفٽيننٽ ڪرنل شهزاده گل فراز ۽ سپاهي ڪرامت شاهه جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم فتنته الخوارج جي ناپاڪ ارادن بنائيندي فتنته الخوارج جي پنج دهشتگردن کي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پٺڀرائي ڪئي ۽ چيو ته فتنته الخوارج طرفان رمضان جي بابرڪت مهيني ۾ دهشتگردي جي ڪوشش انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته دهشتگرد جو ڪوبه مذهب نه هوندو آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪرنل شهزاده گل فراز ۽ سپاهي ڪرامت شاهه کي سلام پيش ڪيو. هن چيو ته ڪرنل شهزاده گل فراز جي عظيم قرباني کي هميشح ياد رکيو ويندو. شهيدن جي عظيم قربانين کي قوم هميشه ياد رکندي.
تبصرے بند ہیں۔