وزيراعظم فلسطينين جو ڪيس ڀرپور طريقي سان وڙهيو: تارڙ

اسلام آباد:  اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف غزه امن بورڊ جي اجلاس ۾ فلسطينين جو ڪيس کي ڀرپور طريقي سان وڙهيو.اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جو چوڻ آهي ته غزه امن بورڊ جي اجلاس ۾ پاڪستان کي وڏي پذيرائي ملي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪئي، فخر جي ڳالهه آهي ته صدر ٽرمپ وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي تعريف ڪئي.هن چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي هڪ اهم ملڪ طور اڀري آيو آهي، اهو پاڪستان جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي آهي ته دنيا ۾ پاڪستان جو احترام ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم فلسطينين جي ڪاز کي ڀرپور طريقي سان وڙهيو، هڪ آزاد فلسطيني رياست جو قيام امن لاءِ تمام ضروري آهي.اطلاعات واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اڳ ۾ پاڪستان الڳ ٿلڳ هو، هاڻي هر عالمي مسئلي ۾ هڪ اهم رانديگر طور اڀري رهيو آهي، جڏهن قيادت ايماندار هوندي آهي ته نتيجو هميشه مثبت هوندو آهي، وزيراعظم ۽ آمريڪي صدر جي وچ ۾ ملاقات خوشگوار هوندي هئي.

تبصرے بند ہیں۔