فلسطين لاءِ 17 ارب ڊالر جي امداد ۽ فوج ڏيڻ جا واعدا

واشنگٽن: غزه لاءِ تجويز ڪيل بين الاقوامي سلامتي فورس ۾ پنج ملڪن فوج موڪلڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي، فورس جي ڪمانڊر خميس ڏينهن “بورڊ آف پيس” جي اجلاس دوران اها ڳالهه ٻڌائي۔
انٽرنيشنل اسٽيبلائيزيشن فورس (ISF) جي ڪمانڊر آرمي ميجر جنرل جاسپر جيفرز چيو ته: “مون کي اڄ اعلان ڪندي انتهائي خوشي ٿي رهي آهي ته پهرين پنج ملڪن ISF ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ فوج ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، جن ۾انڊونيشيا، مراڪش، قزاقستان، ڪوسوو ۽ البانيا شامل آهن. جڏهن ته ٻن ملڪن مصر ۽ اردن پوليس کي تربيت ڏيڻ جو واعدوڪيو آهي.”
جيفرز وڌيڪ چيو ته ISF پهرين ڏکڻ غزه جي رفاح علائقي ۾ مقرر ٿيندي، اتي پوليس کي تربيت ڏيندي ۽ پوءِ “سيڪٽر به سيڪٽر” پنهنجو دائرو وڌائيندي۔ هن چيو ته ڊگهي مدي واري منصوبي تحت 20 هزار ISF فوجين کي استعمال ڪيو ويندو ۽ 12 هزار پوليس اهلڪارن کي تربيت ڏني ويندي۔ 2 هزار فلسطيني پوليس ۾ ڀرتي لاءِ رجسٽر ٿيا آهن.
ڪجهه سفارتڪارن چيو آهي ته “بورڊ آف پيس” جي شروعات شايد گڏيل قومن جي ڪم کي ڪمزور ڪري سگهي ٿي۔ جنوري ۾ دعوت نامي ۾ “چارٽر” جي شموليت ڪجهه يورپي حڪومتن ۾ خدشا پيدا ڪيا هئا۔ هڪ سفارتڪار چيو: “هي ‘ٽرمپ گڏيل قومون’ آهي، جيڪو گڏيل قومن جي چارٽر جي بنيادي اصولن کي نظرانداز ڪري ٿو.” ٽن ٻين مغربي سفارتڪارن چيو ته جيڪڏهن اهو اڳتي وڌيو ته گڏيل قومن کي ڪمزور ڪندو۔
ڊونلڊ ٽرمپ گهڻي عرصي کان گهڻ طرفي ادارن، خاص طور تي گڏيل قومن بابت محتاط رهيو آهي۔ هن بار بار انهن جي اثرائتيت، خرچن ۽ احتساب تي سوال اٿاريا آهن ۽ دليل ڏنو آهي ته اهي اڪثر آمريڪا جي مفادن جي خدمت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿين ٿا۔
ناروي جو اهم اعلان
ناروي بورڊ آف پيس ۾ شامل نه ٿين جو اعلان ڪيو آهي. پر ساڳئي وقت هنن چيو آهي ته هو فلسطينين جي امداد لاءِ ڊونر ڪانفرنس منعقد ڪندا.

تبصرے بند ہیں۔