سنڌ سرڪار انٽر سٽي ٽرانسپورٽ هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

ڪراچي : سنڌ سرڪار انٽر سٽي ٽرانسپورٽ هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، سنڌ سرڪار طرفان هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي ۾هلندڙ ٽرانسپورٽ هلائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير اويس شاهه جو چوڻ آهي ته مسافر گاڏين کي ايس او پيز تحت اجازت ڏني وئي آهي، گاڏين ۾ مسافرن کي ٽن فوٽن جي وٿي رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ٽرانسپورٽرز کي هدايت ڪئي آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي، ايس او پيز تحت گاڏيون نه هلايون ويون ته انهن خلاف ڪارروايون ڪيون وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔