ڀارت ۾ ٻڪرار کي ڪرونا: 47 ٻڪريون آئسوليٽ

بنگلورو: ڀارتي رياست ڪرناٽڪا ۾ ٻڪرار جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ تي 47 ٻڪرين کي آئيسوليٽ ڪيو ويو. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب رياست ڪرناٽڪا ۾ بنگلورو ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ چار ٻڪريون پراسرار طور تي مري ويون جنهن تي ٻڪرار جي ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي وئي جيڪا پازيٽو آئي پر سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي. ٻڪرار جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچن تي ڳوٺاڻن ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ 47 ٻڪرين کي آئيسوليٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٻڪرين کي آئيسوليٽ ڪرڻ جي خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي ته سرڪار به حرڪت ۾ اچي وئي. صحت عملدارن ڳوٺ جو دورو ڪيو ۽ ڪورونا ٽيسٽ لاءِ ٻڪرين جا نمونا ورتا ۽ مئل ٻڪرين جو به پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. رياست ڪرناٽڪا جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٻڪرين مان حاصل ڪيل نمونن کي ليبارٽري موڪليو ويو آهي. هيل تائين ان جا ڪي ثبوت نه مليا آهن ته انسانن مان ڪورونا وائرس جانورن ۾ منتقل ٿيو پر تسلي لاءِ ٻڪرين جي ٽيسٽ ڪرائي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔