عدالت ۾ متحده جي باني جي جائيداد ضبط ڪرڻ لاءِ درخواست داخل

ايف آءِ اي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمران فاروق قتل ڪيس ۾ ملوث متحده جي باني جي جائيداد ضبط ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي

ايف آءِ اي متحده جي باني جي جائيداد ضبط ڪرڻ جي حوالي سان عدالت جو در کڙڪايو ۽ متحده جي باني ، افتخارحسين، محمد انور ۽ ڪاشف خان جون جائيدادون ضبط ڪرڻ جي لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي.

ايف آءِ اي جي درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوابدارن کي عمران فاروق قتل ڪيس ۾ اڳواٽ ئي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي ، تنهنڪري عدالت متحده جي باني جي جائيداد ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔