دنيا ۾ ڪرونا وگهي فوتين جو انگ 5 لک 3 هزار کان وڌي ويو

ڪراچي:سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 4 هزار 894 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ لک 89 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سموري دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي فوتگين جو انگ 5 لک 3 هزار 149 ٿي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو مجموعي تعداد هڪ ڪروڙ، 9 لک 84 هزار کان به وڌيڪ آهي. برازيل ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌڪ هڪ هزار 171 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 61 هزار 884 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 14 لک 96 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس جو شڪار آهن. ميڪسيڪو ۾ڪورونا وائرس 741 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، جنهن بعد فوتگين جو انگ 28 هزار 510 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2 لک 31 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بيمار آهن. آمريڪا ۾ڪورونا وائرس وڌيڪ 613 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، جنهن بعد فوتگين جو انگ هڪ لک 31 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو تعداد 28 لک 28 هزار کان وڌيڪ آهي. ڀارت ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 377 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 6 لک 27 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس جو شڪار آهن. اٽلي ۾ڪورونا وائرس وڌيڪ 30 ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو، جنهن بعد فوتين جو انگ 34 هزار 818 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2 لک 40 هزارکان وڌيڪ ماڻهو بيماري ۾ورتل آهن. ڪورونا وائرس ايران ۾148، ڪئنيڊا ۾22، روس ۾147، بنگلاديش 38 ماڻهن کان حاتيون کسي ورتيون آهن. سموري دنيا ۾ڪورونا مريضن جي فوتگين بعد فوتين جو انگ 5 لک 22 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 61 لک 27 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔