والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي اڄ 332 ڏينهن ٿي ويا،ترجمان پرڏيهي کاتو

اسلام آباد: پرڏيهي کاتي جي ترجمان عائشه فاروقي چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي عوام تي ڀارتي ظلم جاري آهي،والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن  جي سلسلي کي اڄ 332 ڏينهن ٿي ويا آهن ، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي هڪ تصوير گذريل ڏينهن دنيا ڏٺي، قابض ڀارتي فوجي جي سفاڪي ۽ درندگي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو، سوپور ۾ ٻار جي تصوير انسانيت تي يقين رکندڙن کي ياد رهندي، ترجمان موجب ڀارت جون ڪوڙيون خبرون ۽ پروپيگنڊه حقيقت کي تبديل نه ٿا ڪري سگهن، هن چيو ته ڪشميري عوام ۽ پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ نئين ڀارتي ڊوميسائل کي رد ڪري ڇڏيو آهي ، سندس چوڻ هو ته ڀارت جو اهڙو قدم ڪشمير ۾ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي مڪروه ڪوشش آهي  

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔