جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس: مولوي افتخار جي معافي رد، توهين عدالت جو نوٽيس جاري

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز کي ڌمڪي واري وڊيو ڪيس ۾ مولوي افتخارالدين مرزا جي معافي رد ڪندي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ  ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ  ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن سلسلي ۾ اٽارني جنرل ۽ افتخارالدين جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.  وڪيل افتخارالدين عدالت کي ٻڌايو ته آغا افتخارالدين غير مشروط معافي نامو جمع ڪرايو آهي. ان تي جسٽس اعجازالاحسن چيو ته ايف آءِ اي جي رپورٽ فائل ٿي چڪي. معافي نامو اسان جي سامهون ناهي. جيڪي لفظ استعمال ڪيا ويا ڇا اهڙا لفظ استعمال ڪري سگهجن ٿا.؟ اهڙي ڪيس ۾ معافي ڪيئن ڏيون.؟

جسٽس اعجاز چيو ته اٽارني جنرل موجب هي فوجداري ۽ دهشتگردي جو ڏوهه به بڻجي ٿو ۽ معافي ڏيڻ جو فائدو نه ٿيندو. ان دوران چيف جسٽس پاڪستان افتخار مرزا جي وڪيل کي چيو ته  آغا افتخار کي 6 مهينن جي لاءِ جيل موڪلي ٿا ڇڏيون اوهان کي هن ڪيس جي نوعيت جو اندازو ناهي اوهان هن ڪيس کي معمولي سمجهي رهيا آهيو.

افتخارالدين مرزا جي وڪيل چيو ته منهنجو موڪل دل جو مريض آهي. ان تي چيف جسٽس چيو ته اسان ڇا ڪريون، هن کي پنهنجي زبان کي قابو ۾ رکڻ گهرجي ها. هن ڪيس ۾ ڪابه رحم جهڙي ڳالهه ناهي. اٽارني جنرل پنهنجي موقف ۾ چيو ته افتخارالدين غير ارادي طور تي نه پر سوچيل سمجهيل بيان جاري ڪيو ۽ ججز جو نالو کڻي توهين ڪئي وئي.

جسٽس اعجاز چيو ته افتخارالدين مرزا جي وڊيو ڪنهن ٻار جي ٺاهيل ناهي. هن جو پنهنجو وڊيو چينل آهي ان مان پئسا ڪمائيندو آهي. اهڙي زبان ته گهٽين ۾ به استعمال ناهي ٿيندي. جنهن کان پوءِ عدالت افتخارالدين جي وڪيل طرفان پيش ڪيل معافي نامو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي مولوي افتخار  ڏانهن توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔