گهرن اندر قرنطينه ۾ رهندڙ328 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن: صحت کاتو

ڪراچي: عالمي وبا قرار ڏنل ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيڻ کان پوءِ پاڻ کي گهرن ۾ ئي قرنطينه ڪندڙ ماڻهن مان 328 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

رپورٽ موجب صوبائي صحت کاتي ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 1406 ٿي ويو آهي.

صوبائي صحت کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ڪورونا وائرس سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون جناح اسپتال ۾ ٿيون آهن جن جو انگ 171 آهي.

سنڌ جي صحت کاتي ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته ڪورونا وائرس سبب متاثر 131 مريض  سول اسپتال ۾ فوت ٿيا.

سنڌ جي صحت کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ايس آءِ يو ٽي ۾ 122، ڊائو اسپتال ۾ 113، انڊس اسپتال ۾ 107، آغا خان اسپتال ۾ 94 ۽ ضياءُالدين اسپتال ۾ 87 ڄڻا ڪورونا وائرس  وگهي علاج دوران هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔