ورلڊ بينڪ پاڪستان کي 50 ڪروڙ ڊالر قرض ڏيندي

اسلام آباد: ورلڊ بينڪ پاڪستان جي لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر جي قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي. عالمي اداري پاڪستان ۾ واقع آفيس مان جاري ڪيل هينڊ آئوٽ موجب ورلڊ بينڪ جي بورڊ آف ايگزيڪٽو ڊائريڪٽرز رائز پروگرام جي تحت مالياتي انتظام ڪار  جي استحڪام، شفافيت کي هٿي ۽ خانگي شعبي جي نمو جي لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر جو قرض منظور ڪيو آهي.  قرض جي فراهمي کي لوڪارين انرجي جي حصول جي لاءِ توانائي واري شعبي ۾ بنيادي اصلاحن سان به مشروط ڪيو ويو آهي. ورلڊ بينڪ موجب ڪورونا 19 جي اثرن جي ٻحالي جي لاءِ مالياتي لچڪ پيدا ڪرڻ جي حوالي سان هي اصلاحات تمام گهڻا اهم آهن.  ورلڊ بينڪ طرفان هن قرض جي منظوري کان پوءِ پاڪستان کي جون ۾ ملندڙ، منظور ٿيندڙ قرض جو حجم 3.53 ارب ڊالر ٿي ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسٽيٽ بينڪ کي چائنا ڊيولپمينٽ بينڪ مان هڪ ارب ڊالر ۽ بينڪ آف چائنا کان 30 ڪروڙ ڊالر مليا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔