ملڪ ۾ قاتل ڪرونا وائرس وڌيڪ 78 حياتيون ڳڙڪائي ويو

اسلام آٻاد: ملڪ ۾ قاتل ڪرونا وائرس وڌيڪ 78 حياتيون ڳڙڪائي ويو، فوتين جو انگ 4 هزار 473 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر مطابق 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 339 نوان ڪيس به ظاهر، متاثرن جو تعداد 2 لک 17 هزار 809 تائين پهچي ويو. رپورٽس مطابق سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ 86 هزار  795 ماڻهو متاثر، پنجاب ۾ 77 هزار 740 ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڪرونا مريضن جو انگ 26 هزار 938 ٿي ويو. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق بلوچستان ۾ 10 هزار 68، اسلام آباد ۾ 13 هزار 82 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 135 ڪيسز سامهون اچي چڪا آهن. هيل تائين هڪ لک 4 هزار 694 مريض قاتل وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔