وفاقي ڪابينا پي آءِ اي جَي 22 پائليٽس جا لائسنس رد ڪرڻ جِي منظوري ڏئي ڇڏي.

سلام آباد: وفاقي ڪابينا پي آءِ اي جَي 22 پائليٽس جا لائسنس رد ڪرڻ جِي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جِي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جَي اجلاس دوران اِي او بي آءِ پينشن به 6500 مان وڌائي 8500 رپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. پارلياماني ميمبرن جِي ترقياتي اسڪيمن بابت قاعدن ۾ تبديلي جِي منظوري کانسواءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي دوران فوري ڪارروائي ڪندڙ پوليس، رينجرز ۽ سڪيورٽي گارڊز جي واکاڻ به ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔