ڪي ڪي بچاءُ بند تي پاڻي جو دٻاءُ: نقصان جو خدشو: پچنگ جو ڪم شروع

بڊاڻي : ڪي ڪي بچاءُ بند کي ٽٽڻ کان بچائڻ جي لاءِ پٿرن جي پچنگ جو ڪم ڪيو پيو وڃي، 2010 واري ٻوڏ بعد بند انتهائي ڪمزور حالت جو شڪار بڻجي ويا، 11 کان 18 ميل تائين نقصان پهتل بندن کي پٿرن جي پچنگ اسپيئر ٽي لڳايون ويون، جنهن جو ڪم 2021 ۾ مڪمل ٿيو، ڪي ڪي بچاءُ بند 18 ميل وٽ پاڻي جو دٻاءُ هجڻ سبب نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، نقصان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پچنگ جو ڪم ڪيو ويو، وڏي مقدار ۾ پٿر پهچايا پيا وڃن، ڪي ڪي بچاءُ بند وٽ ڪم جو جائزو وٺڻ جي لاءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان آبپاشي وزير ڄام خان شورو، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، فوڪل پرسن مڪيش چاولا ۽ ٻين سان گڏجي دورو ڪري ڪم جو جائزو ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔