تيانجن: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چيني جديد ٽيڪنالاجي سان پاڪستان ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، پاڪ چين دوستي هر آزمائش تي پوري لٿي آهي، تاريخي، ثقافتي اعتبار سان هڪٻئي سان جڙيل آهيون، تيانجن يونيورسٽي جي شاگردن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 200 کان وڌيڪ پاڪستاني شاگرد تيانجن يونيرسٽي ۾ تعليم هيٺ آهن جڏهن ته ٽوٽل 30 هزار پاڪستاني شاگرد چين جي مختلف تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، چين ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگرد ملڪ جا سفير آهن. هن چيو ته اهي شاگرد جديد تحقيق، عصري تعليم ۽ فني مهارتن مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. ووڪيشنل ٽريننگ وقت جي گهرج آهي، جڏهن ته 600 پاڪستاني زرعي گريجويئٽ به چين ۾ پنهنجي تربيت مڪمل ڪري ورتي آهي. شهباز شريف چيو ته پاڪ چين دوستي گڏيل احترام ۽ پرخلوص محبت جي بنياد تي قائم آهي اها دوستي هر آزمائش تي پوري لٿي آهي. پاڪستان ۽ چين تاريخي ۽ ٿقافتي اعتبار سان هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. پاڪستان مسلمان دنيا جو پهريون ملڪ هو جنهن عوامي جمهوريه چين کي تسليم ڪيو. هن چيو ته چين جهڙي طرح سان پنهنجن ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو اها دنيا لاءِ هڪ مثال آهي. چين اڄ دنيا جي هڪ وڏي معاشي ۽ فوجي طاقت آهي، صدر شي جن پنگ جي گڏيل خوشحالي جي وزن دنيا کي پنهنجو تابعدار ڪري ورتو آهي. علامه اقبال به هڪ صدي اڳ چين جي ترقي جي اڳڪٿي ڪئي هئي