ٽرينيڊاڊا : پاڪستان پهرين ون ڊي ۾ ويسٽ انڊيز کي سخت مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ بيٽرن ته ڪمال ڪيو ئي پر شاهين آفريدي ٻه نوان عالمي رڪارڊ به پنهنجي نالي ڪري ورتا آهن.
برطانوي رسالي ”وِزڊن“ جي رپورٽ موجب، ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ شاهين شاهه آفريدي ڀارتي فاسٽ بالر محمد شامي کي پوئتي ڇڏيندي مردن جي ون ڊي فارميٽ جي ”اسٽرائيڪ ريٽ چارٽ“ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.
پاڪستاني اسٽار ويسٽ انڊيز خلاف 4 وڪيٽون وٺي ڀارتي فاسٽ بالر محمد شامي کان اڳتي نڪري ويو ۽ فل ميمبر ون ڊي جو نئون رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
ميچ ۾ چار وڪيٽون وٺڻ کانپوءِ شاهين هاڻي 100 وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالرن ۾ بهترين اسٽرائيڪ ريٽ 25.4 جو مالڪ آهي، جڏهن ته ان کان اڳ محمد شامي 25.8 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان پهرين نمبر تي هو ۽ شامي ئي واحد بالر هو جنهن جو اسٽرائيڪ ريٽ 26 کان گهٽ هو.
ان کانسواءِ شاهين شاهه آفريدي سڀ کان گهٽ ميچن يعني رڳو 65 ون ڊي ميچن ۾ 131 وڪيٽون حاصل ڪندڙ دنيا جو پهريون بالر بڻجي ويو آهي.
ان کان اڳ اِهو رڪارڊ افغانستان جي راشد خان وٽ هو، جنهن 65 ميچن ۾ 128 وڪيٽون ورتيون هيون.
واضح رهي ته پاڪستان ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ميچ آچر تي ۽ ٽِين آخري ميچ اڱاري تي کيڏي ويندي.
