لاهور : لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جناح هائوس، عسڪري ٽاور حملي ۽ شادمان ٿاڻي کي ساڙڻ جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب جون ضمانت جون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون.
عبوري ضمانت جو مدو ختم ٿيڻ تي اڄ عمر ايوب عدالت ۾ پيش نه ٿيو ۽ وڪيلن طرفان پيشي کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي وئي.
وڪيلن چيو ته عمر ايوب کي عدالت 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي، هن حفاظتي ضمانت لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي، حفاظتي ضمانت بنا عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي.
پر عدالت پيشي کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪندي درخواستون خارج ڪري ڇڏيون ۽ چيو ته عدالت مان سزا ٿي چڪي آهي ته جوابدار سرينڊر ڪري، سزا يافتا جوابدار کي حفاظتي راهداري ضمانت ناهي ملندي، سرينڊر کان اڳ جوابدار اپيل به داخل نٿو ڪري سگهي.
