پشاور: گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان فيض الله فراق اپيل ڪئي آهي ته حالتون معمول تي نه اچڻ تائين سياح گلگت بلتستان جو سفر نه ڪن.
نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي گلگت بلتستان(جي بي) حڪومي جي ترجمان فيض الله فراق چيو آهي ته گذريل ڏينهن برسات ۽ ٻوڏ سبب گلگت بلتستان ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان ديامر ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ سبب گم ٿي ويل ماڻهن جي صحيح انگ جي باري ۾ لاعلمي جو اظهار ڪيو آهي، مقامي ماڻهن موجب 10 کان 15 ماڻهو ٻوڏ وهڪرن ۾ لڙهي ويا جن جي ڳولا جو ڪم جاري آهي.
گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان فيض الله فراق موجب بابو سر ۾ لڙهي ويل 10 ڄڻن مان 15 اڃان تائين گم آهن. مسافرن کي ريسڪيو ڪرڻ جي لاءِ گلگت بلتستان حڪومت ڪوهستان انتظاميه سان رابطو ڪيو آهي، ٻئي طرف شاهراهه بابوسر ۾ ڦاٿل سمورن سياحن کي ريسڪيو ڪري ورتو آهي، سياهڻ لاءِ مقامي هوٽل مالڪن ۽ حڪومت مفت رهائش جو انتظام ڪيو آهي
جي بي حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته برسات ۽ ٻوڏ سبب 15 فوتگيون ٿيون، ناران ڪاغان ۽ شاهراهه قراقرم 2 هنڌن کان بند آهي. شاهراهه قراقرم جي بندش سبب هزارين مسافر جڳهه جڳهه تي ڦاٿل آهن. جڏهن ته شاهراهه ريشم ننڍين گاڏين لاءِ کليل آهي پر شاهراهه ريشم کي بشام تائين بحال ڪرڻ جو ڪم جاري آهي.
فيض الله فراق عوام کي اپيل ڪئي آهي ته حالتون معمول تي اچڻ تائين سياح گلگت بلتستان جو سفر نه ڪن، هن وڌيڪ چيو ته جي بي جو وزيراعليٰ حاجي گلبر خان اڄ شاهراهه بابو سر جي متاثر علائقي جو دورو ڪندو.
ڊي جي موسميات کاتي مهر صاحبزاد خان نجي چينل ۾ ڳالهيون ڪندي چيو ته گلگت ۾ بابوسر ٽاپ وارن علائقن ۾ ڪافي جاني نقصان ٿيو آهي، پنجاب، گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ وڌيڪ شدت جي برسات جو امڪان آهي. ٻئي طرف لاهور ۾ ايئرپورٽ جي علائقي ۾ صبح کان هينئر تائين 108 ملي ميٽر برسات پئي برسات جو سلسلو وڌيڪ 2 ڏينهن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.
ياد رهي ته ديامر ۾ گذريل ڏينهن ايندڙ ٻوڏ سبب هينئر تائين 5 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. چلاس ۾ سياحي هنڌ بابوسر ٽاپ تي ڪيترائي سياح ٻوڏ وهڪرن ۾ لڙهي گم ٿي ويا هئا جن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن اڃان تائين جاري آهي.
ٻوڏ سبب گرلز اسڪول، 2 هوٽل، پوليس چوڪي، پوليس شيلٽر ۽ شاهراهه بابو سر سان لاڳاپيل 50 کان وڌيڪ گهر مڪمل تباهه ٿيا، 8 ڪلو ميٽر روڊ سخت متاثر ۽ 15 هنڌن تي روڊ بلاڪ آهي جڏهن ته شاهراهه بابو سر تي 4 رابطه پل به تباهه ٿي ويا هئا. تيز برساتن سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو جڏهن ته رابطن ۾ به پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو آهي.
هوڏانهن موسميات کاتي ملڪ ۾ سانوڻي دوران تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي جنهن جي ڪري روڊ حادثا، لينڊ سلائيڊنگ، وڻن جو ڪرڻ ۽ ندي نالن ۾ چاڙهه جو خطرو آهي.