اسلام آباد: وفاقي وزير غذائي تحفظ رانا تنوير حسين شوگرملن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته ڪيتريون ئي شوگرملون سرڪاري قيمت تي عمل نه ڪري رهيون آهن. قيمتن ۾ مصنوعي اضافو ڳڻتي جوڳو آهي.
اڱاري تي وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ پاڪستان شوگرملز ايسوسيئيشن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس جو مقصد کنڊ جي قيمتن جي موجوده صورتحال ۽ حڪومت طرفان مقرر ڪيل ايڪس مل ريٽ 165 روپيه في ڪلو گرام تي عمل ڪرڻ جو جائزو وٺڻ هو
وزارت قومي غذائي تحفظ جي پڌرائي موجب وفاقي وزير هدايت ڪئي آهي ته صوبا 24 ڪلاڪن ۾ کنڊ جي قيمت تي عمل ڪرڻ جي رپورٽ جمع ڪرائين. هن چيو ته ايف بي آر ۽ فوڊ اٿارٽيز جي ذريعي ڪارروائي تيز ڪئي ويندي. کنڊ جي فراهمي ۾ شفافيت ۽ منصفاڻو نظام اولين ترجيح آهي.
وفاقي وزير چيو ته حڪومت کنڊ جي قيمتن تي ڪنٽرول جي لاءِ سخت قدم کڻندي، پاڪستان شوگر ملز ايسوسيئيشن پنهنجي ذميواري پوري نه ڪئي ته حڪومت پاڻ ڪارروائي ڪندي، غيرقانوني منافعه خوري، ذخيره اندورزي ڪندڙ ملن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ٿيندو.