اسلام آباد: ملڪ ۾ تازو سانوڻي برسات سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 221 ٿي ويو.
نيشنل ڊيزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) جي تازي رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران برساتن سبب 5 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا، فوت ٿي ويلن ۾ 2 مرد ۽ 3 ٻار شامل آهن.
رپورٽ موجب طوفاني برسات سبب هينئر تائين مختلف حادثن ۾ 221 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته سموري ملڪ ۾ 804 کان وڌيڪ گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا.
اين ڊي ايم اي موجب طوفاني برسات سبب پنجاب سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيل صوبو آهي جتي برسات جي نتيجي ۾ سڀني کان وڌيڪ 135 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 470 ڄڻا زخمي به ٿي پيا. برسات سبب 168 گهر جزوي تي طور تي جڏهن 24 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا. خيبرپختونخواهه ۾ برسات سبب 40 ڄڻا فوت ٿي ويا. جڏهن ته 69 ڄڻا زخمي ٿيا، صوبي ۾ 142 گهر جزوي طور تي ۽ 78 گهر مڪمل طور تي پٽ پئجي ويا.
سنڌ ۾ برسات جي نتيجي ۾ 22 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 40 ڄڻا زخمي ٿيا، صوبي ۾ 54 گهر جزوي طور تي ۽ 33 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا. بلوچستان ۾ به برسات جي شدت 16 ڄڻن کان حياتي کسي ورتي جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿيا، 56 گهر جزوي طور تي ۽ 8 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا.
گلگت بلتستان ۾ تازي برساتن سبب 3 ڄڻا زخمي ٿيا جڏهن ته هتي 71 گهر جزوي طور تي ۽ 66 گهر مڪمل طور تي پٽ پئجي ويا. آزاد ڪشمير ۾ برسات بب 1 ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ 6 زخمي ٿي پيا. هتي 75 گهر جزوي طور تي ۽ 17 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا.
اسلام آباد ۾ برسات جي نتيجي ۾ 1 ڄڻو فوت ٿيو، جڏهن ته 35 گهر جزوي طور تي ۽ هڪ گهر مڪمل طور تي پٽ پئجي ويو. اين ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن ۾ 3 ٻار به شامل آهن جڏهن ته 25 گهر پٽ پئجي ويا، هينئر تائين 804 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪا آهن ۽ 200 کان وڌيڪ چوپايو مال به مري ويو آهي