9 مئي ڪيس: اپوزيشن اڳواڻ پنجاب اسيمبلي سميت 70 جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا

لاهور: سرگودها جي دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي ڪيس ۾ اپوزيشن اڳواڻ پنجاب اسيمبلي ملڪ احمد خان بچهر سميت 70 جوابدارن کي 10-19 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

رپورٽ موجب جوابدارن جي خلاف سزا جو حڪم ڪيس نمبر 2023-72 ۾ ٻڌايو ويو اهو ڪيس ضلعي ميان والي جي علائقي موسيٰ خيل جي ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو هو. ڪيس ڀڃ ڊاهه، ملڪيت کي باهه ڏيڻ ۽ هنگامه آرائي ڪرڻ تي دهشتگردي جي قلمن تحت داخل ڪيو ويو هو.

9 مئي جي ڪيس ۾ سرگودها جي دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ جي اپوزيشن اڳواڻ پنجاب اسيمبلي ملڪ احمد خان بچهر کي به 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ملڪ احمد خان بچهر کي سزا ٻڌائڻ کان پوءِ انهي جي نااهلي ۽ ڊي سيٽ ٿيڻ جو امڪان آهي

9 مئي جي ڪيس ۾ سرگودها جي دهشتگردي جي انت واري عدالت مان پي ٽي آءِ جي اپوزيشن اڳواڻ پنجاب اسيمبلي ملڪ احمد خان بچهر کي به 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ملڪ احمد خان بچهر کي سزا ٻڌائڻ کان پوءِ انهي جي نااهلي ۽ ڊي سيٽ ٿيڻ جو امڪان آهي.

9 مئي 2023 تي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان گرفتاري کان پوءِ پي ٽي آءِ طرفان سموري ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويو هو. انهي دوران لاهور جي علائقي ماڊل ٽائون ۾ 9 مئي تي مسلم ليگ(ن) جي آفيس کي ساڙڻ کان علاوه فوجي، سول  ۽ نجي ٺڪاڻن کي باهيون ڏنيون ويون، سرڪاري ملڪيتن کي سخت نقصان پهچايو ويو جڏهن ته انهي دوران گهٽ ۾ گهٽ 8 ڄڻا فوت ۽ 290 زخمي ٿي پيا هئا.

اپوزيشن اڳواڻ پنجاب اسيمبلي ملڪ احمد خان بچهر صحافين سان ڳالهيون ڪندي سزا جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته عدالت سياسي بنيادن تي قائم ڪيس جو آئين کان هٽي فيصلو ڏنو.

اپوزيشن اڳواڻ ملڪ احمد خان بچهر چيو ته منهنجي خلاف قانوني ضابطا پورا ڪرڻ کان سواءِ سزا جو فيصلو ٻڌايو ويو. 26هين ترميم کان پوءِ حڪومت عدالتن کي پنهنجو تابع ڪري ورتو آهي، 9 مئي جي سياسي ڪيسز ۾ اسان کي اهڙي طرح جي فيصلن جي اميد آهي. هن چيو ته لکت ۾ فيصلو ملڻ کان پوءِ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪندس، منهنجي نااهلي جي حوالي سان هن وقت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔