ٽيڪس نظام جي بهتري سان عام ماڻهو تي ٽيڪس بار گهٽ ڪرڻ اولين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٽيڪس نظام جي بهتري سان ملڪي آمدني ۾ اضافو ۽ عام ماڻهو تي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪرڻ اولين ترجيح آهي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ايف بي آر جي جاري اصلاحات تي جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن عطاءُالله تارڙ، احد خان چيمه، اعظم نذير تارڙ ۽ چيئرمين ايف بي آر شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ وزيراعظم ايف بي آر اختيارين ۽ اصلاحات ۾ شامل آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ ايندڙ هفتي تجويزن بابت عمل جوڳن حدفن ۽ مدي جو تعين ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

اجلاس ۾ ڳالهيون ڪندي وزيراعظم چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽائزيشن سان حدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. مستقل بنيادن تي پائيدار نظام ٺاهڻ جي لاءِ قدم يقيني بنايا ويندا ۽ غير رسمي معيشت جي سڌاري لاءِ انفورسمنٽ بابت وڌيڪ قدم کنيا وڃن.

شهباز شريف چيو ته ايف بي آر ڊيجيٽل ونگ جي نئين سري سان جوڙجڪ جي لاءِ حدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي. اصلاحات کي لاڳو ڪرڻ ۾ ڪاروباري ماڻهو، واپاري برادري ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جي سهوليت کي نظر ۾ رکيو وڃي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ٽيڪس نظام جي بهتري سان ملڪي آمدني ۾ اضافو  ۽ عام ماڻهو تي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪرڻ اوليت ۾ شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔