حنيف خان جو هاڪي ايشيا ڪپ ڀارت کان منتقل ڪرڻ جو مطالبو

لاهور : پاڪستان هاڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اولمپئن حنيف خان مطالبو ڪيو آهي ته هاڪي ايشيا ڪپ ڀارت کان ٻئي ملڪ منتقل ڪيو وڃي.ڳالهه ٻولهه دوران حنيف خان چيو ته ‘هاڻوڪي جنگ ۾ شڪست کان پوءِ ڀارت ۾ صورتحال سٺي ناهي، اتي خوف پکڙجي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان هاڪي ٽيم کي ڀارت نه وڃڻ گهرجي.سوال اٿاريندي حنيف خان چيو ته ڀارت ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال سٺي ناهي، ڀارت تي اعتبار نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته ڪهڙي ضمانت آهي ته اهي پاڪستاني رانديگرن جي حفاظت ڪندا؟ اڳوڻي ڪپتان مطالبو ڪيو ته ايشيا ڪپ هاڪي ڀارت جي بدران يو اي اي يا ملائيشيا ۾ منعقد ڪئي وڃي، هن پاڪستان جي وزيراعظم ۽ صدر کان درخواست ڪئي ته قومي ٽيم کي ڀارت نه موڪليو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔