ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن کان چوٿون ڀيرو زلزلي جا جهٽڪا

ڪراچي : ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪالهه کان چوٿين ڀيرو زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.شهري چون ٿا ته لانڌي ۽ ملير جي ويجهو ٻيهر زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته زلزلي جا جهٽڪا صبح 10:25 تي محسوس ڪيا ويا.علائقي جي رهواسين موجب قائد آباد، ملير، سعود آباد، گلستان جوهر، کوکراپار، اسٽيل ٽائون ۽ آس پاس جي علائقن ۾ ٻيهر زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته زلزلي جا جهٽڪا صبح 11:40 تي محسوس ڪيا ويا، جنهن ڪري سخت خوف ۽ هراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.زلزلي جي مرڪز موجب لانڌي ۽ ملير ۾ زلزلي جي شدت 3.2 هئي، زلزلي جو مرڪز قائد آباد جي ويجهو هو ۽ ان جي کوٽائي 10 ڪلوميٽر زمين هيٺ هئي، زلزلي جا جهٽڪا صبح 10:29 تي رپورٽ ٿيا.ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ ٻه ڀيرا زلزلي جا هلڪا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔